فوج قومي جهنڊي کي هميشه سربلند رکندي:آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (م ڊ ) يوم پاڪستان جي موقعي تي هٿياربند فوج طرفان قوم کي مبارڪون ڏنيون ويون آهن.آءِ ايس پي آر طرفان جاري  ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي فوج قومي جهنڊي کي هميشه سربلند رکندي، اڄوڪو ڏينهن اسان کي آزادي جي اهميت ۽ قدر ياد ڏياري ٿو.پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب هي ڏينهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي ڌار وطن لاءِ جدوجهد ۽ بزرگن جي عظيم قربانين کي ياد ڏياري ٿو، اڄ به ڀارت ۽ خاص طور تي والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن سان ظلم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ڀارت ۾ مسلمانن جي ڏکي حالت اسان کي آزادي جي اهميت ۽ قدر کي ياد ڏياري ٿي.بيان ۾ چيو ويو ته اسان هر روز پنهنجي آزادي جو قدر ۽ احترام ڪريون ٿا، فوج پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.