حماس- اسرائيل ڳالهين جو ڪنهن نتيجي تي پهچڻ ڏکيو ضرور آهي پر ناممڪن ناهي: آمريڪا

قاهرا ( ويب ڊيسڪ ) قاهرا ۾ عرب ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽آمريڪي پرڏيهي وزير وچ ۾ ملاقات ٿي آهي جنهن دوران غزا ۽ رفح جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
عرب ميڊيا جو چو آهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن سان پي ايل او جي ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اڳواڻ حسين اليشخ سان به ملاقات ڪئي.
عرب پرڏيهي وزير ۽ انٽوني بلنڪن جي ملاقات وچ ۾ ٿيل ملاقات جي پڌرائي جاري ڪئي وئي جنهن ۾ عرب ملڪن جي پرڏيهي وزير غزا ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو.
پڌرائي موجب، عرب پرڏيهي وزير مطالبو ڪيو ته اسرائيل ۽ غزا وچ ۾ سمورن رستن کي بحال ڪيو وڃي ته جيئن امدادي سامان جي پهچ آسان ٿئي.
ٻئي پاسي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جو چوڻ هو ته رفح ۾ اسرائيل جو وڏو فوجي آپريشن غلطي هوندي، حماس سان وڙهڻ لاءِ فوجي آپريشن کان سواءِ ٻيا به کوڙ طريقا آهن.
هن چيو ته رفح ۾ فوجي آپريشن سان صورتحال اڃان وڌيڪ خراب ٿيندي، آمريڪا فلسطينين جي جبري لڏپلاڻ ۽ غزا پٽي تي ٻيهر قبضي کي نه مڃيندو.
هن وڌيڪ چيو ته حماس- اسرائيل ڳالهين جو ڪنهن نتيجي تي پهچڻ ڏکيو ضرور آهي پر ناممڪن ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.