پاڪستان ڏهاڙي ۽ عيد تي قيدين لاءِ رعايت، سزائن ۾ گهٽتائي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ڏهاڙي ۽ عيد الفطر جي موقعي تي قيدين جون سزائون نوي، نوي ڏينهن گهٽائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي .
صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 ۽ رولز آف بزنس جي رول 15 اي تحت ڏني.
سزائن ۾ رعايت 65 سال کان وڏي عمر جي مرد قيدين، 60 سال کان وڏي عمر جي عورت قيدين ۽ 18 ورهين کان گهٽ عمر وارين قيدين تي لاڳو هوندي، قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين وارن قيدين کي سزا ۾ رعايت نه ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.