ايلون مسڪ جي ڪمپني نيورالنڪ جنوري 2024ع ۾ پهريون ڀيرو انسان جي دماغ ۾ ڪمپيوٽر چِپ لڳائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.
هاڻ ڪمپني طرفان لائيو اسٽريم وڊيو ۾ ان همراهه کي پنهنجي خيالن جي مدد سان آن لائين شطرنج کيڏندي ڏيکاريو ويو آهي.
29 ورهين جي نولانڊ آربائوگ هڪ حادثي ۾ مفلوج ٿي ويو هو ۽ لائيو اسٽريم ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته هو نيورالنڪ ڊيوائس کي استعمال ڪري ليپ ٽاپ تي شطرنج کيڏي رهيو آهي .
ياد رهي ته يو ايس فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن ( ايف ڊي اي ) طرفان ڪمپني کي گذريل سال انسانن جي دماغ ۾ ڪمپيوٽر چپ لڳائڻ جي ڪلينڪل ٽرائل جي اجازت ڏني هئي.
ايلون مسڪ ان ڊيوائس کي ٽيلي پيٿي جونالو ڏنو هو، چپ جي تياري ۾ ڊگهي عرصي کان ڪم هلندڙ هو ڪمپني جي دعويٰ آهي ته چپ ذريعي معذور ماڻهو حرڪت ۽ ڳالهائڻ جي قابل ٿي ويندا.
Next Post
You might also like