سيڪيورٽي فورسز جو پنجگور ۾ آپريشن، هڪ دهشتگرد مارجي ويو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي علائقي پنجگور ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪري هڪ دهشتگرد کي ماري ڇڏيو ۽ ٻن کي زخمي ڪري وڌو.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز 20 ۽ 21 مارچ جي وچين رات پنجگور ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو.
آپريشن ۾ دهشتگرد چاڪر لياقت مارجي ويو ۽ ٻه دهشتگرد زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود به برآمد ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.