ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نارٿ ناظم آباد ۾ ڪار مان 30 ورهين جي شخص جو گولي لڳل لاش هٿ آيو.
پوليس موجب ڪار مان لاش ملڻ جو واقعو نارٿ ناظم آباد ۾ لنڊي ڪوتل چورنگي وٽ پيش آيو، اطلاع ملڻ تي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس ٻڌايو ته ڊاڪٽرن موجب لاش 7 کان 8 ڪلاڪ پراڻو آهي، ان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، جڏهن ته مرندڙ شخص جي عمر تقريبن 30 سال آهي.
پوليس موجب گاڏي جا سمورا شيشا بند هئا، واقعي جي حوالي سان شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
You might also like