دهشتگردي خلاف جنگ ۾ نيڪٽا کي فرنٽ فوٽ تي ويڙهائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڪنهن دهشتگرد تنظيم کي معافي نه ملندي.
نيڪٽا هيڊ ڪوارٽرز ۾ گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا.
اجلاس جي پڌرائيءَ موجب دهشتگردي خلاف جنگ ۾ نيڪٽا کي فرنٽ فوٽ تي ويڙهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته ايندڙ هفتي نيشنل ايڪشن پلان جي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس به طلب ڪيو ويو آهي.
اجلاس ۾ گهرو وزير چيو اهو وڌيڪ اهم آهي ته اسان دهشتگردن خلاف اڳواٽ ايڪشن وٺون ۽ ان ذريعي دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي ختم ڪيو وڃي.
هن سڀني صوبن ۾ سي ٽي ڊيز جي صلاحيت بابت تفصيلي رپورٽ به طلب ڪري ورتي.
محسن نقوي چيو ته عملي قدم کڻڻا پوندا، ڪنهن به دهشتگرد تنظيم کي معافي نه ملندي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف گڏيل حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.