وهاڻي تي سڀ ڪو سمهندو آهي پر خبردار!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وهاڻي کانسواءِ سمهڻ جو ڪير سوچي به نٿو سگهي ڇو ته جيڪڏهن ڪنڌ هيٺان وهاڻي جو سهارو نه هجي ته سڄي رات بيچيني رهندي ۽ ننڊ نه ايندي، وهاڻي جو استعمال پٿر جي دور کان شروع ٿيو هو ۽ سڀ کان پهريون وهاڻو به پٿر جو ئي هو، پٿر جي وهاڻي کي ان دور جا ماڻهو استعمال ڪندا هئا ۽اڄوڪي دور جا ماڻهو نرم نرم وهاڻا استعمال ڪندا آهن جن کي جيئن وڻي رکي سڪون سان سمهي سگهجي ٿو

وهاڻو عام استعمال جي شئي آهي پر هن جي استعمال يا بنا وهاڻي جي ننڊ ڪرڻ جو انساني صحت تي اثر پوي ٿو

وهاڻي کانسواءِ سمهڻ اسان جي صحت تي هاڪاري اثر وجهي ٿو ۽ کوڙ ماڻهو اهڙا آهن جيڪي وهاڻي جي ڪري جسم جي بيهڪ ۽ بيلنس خراب ڪري ڇڏيندا آهن جيتوڻيڪ وهاڻو سڌي ريت چيلهه جي سور جو سبب ناهي بڻبو پر چيلهه ۾ سور هجڻ جي صورت ۾ اها تڪليف وڌي ويندي آهي ۽ جڏهن اسان وهاڻي کانسواءِ سمهندا اهيون ته اسان جي اسپائين کي آرام جو موقعو ملندو آهي ۽ جسم قدرتي پوزيشن تي هوندو آهي جنهن سان چيلهه جي سور ۾ آرام ملندو آهي

جيڪڏهن صبح اٿڻ کانپوءِ اوهان جي مٿي ۾ سور هوندو آهي يا اوهان کي هلڪو سور محسوس ٿئي ٿو ته ان جو سبب اوهان جو وهاڻو به ٿي سگهي ٿو، اهڙا وهاڻا جيڪي اوچا هوندا آهن، انهن تي مٿو رکڻ سان جسم تي بار پوندو آهي ۽ مٿي ۾ رت جي گردش متاثر ٿيندي آهي جنهن سان مٿي ۾ سور ٿي پوندو آهي.

وهاڻي جي ڪري ڪنڌ مان سٽ نڪري سگهي ٿي ۽ گهڻي دير پاسيرو ڪنڌ ڪري سمهڻ سان بي آرامي ٿي پوندي آهي، ان سان ڪنڌ جي هڏين ۾ تڪليف ٿي پوندي آهي پر جيڪڏهن ان ئي صورت ۾ وهاڻي کي ڪڍي ڇڏجي ته وري حالت نارمل ٿي ويندي آهي ۽ ڪنڌ سڌو ٿيڻ سان ڪو بار ناهي پوندو.

جيڪڏهن اوهان جو اوهاڻو اوهان کي گهاٽي ننڊ نٿو ڏياري ته اوهان بي آرام رهندا ۽ ان سان جسم جي سڀني عضون جو ڪم متاثر ٿيندو ۽ دماغ تي دٻاءُ وڌي ويندو ڇو ته سٺي ننڊ اوهان کي ٻئي ڏينهن لاءِ توانو ڪندي آهي، ان سان اوهان جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۾ واڌارو ٿيندو آهي، ان لاءِ جيڪڏهن کي رات ۾ ننڊ نٿي اچي سگهي ته وهاڻو هٽائي سمهڻ جي عادت وجهو.

وهاڻا اهڙا به هوندا آهن جن ۾ مٿو ڀرجي ويندو آهي ۽ وهاڻي جي شو ماڻهو روز ناهن ڌوئيندا ان لاءِ ان ۾ گڏ ٿيل ڌوڙ مٽي يا جيوڙا چهري جي کل ۾ ويندا آهن ۽ چهري تي موهيڙن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندا آهن، ان لاءِ پنهنجي وهاڻي تي غور ڪريو ۽ ان کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪريو.

اڪثر صبح اٿڻ سان وار خشڪ ۽ وچڙيل هونداآهن جو ڦڻي ڏيڻ به ڏکي ٿوندي آهي ته ان لاءِ به بهتر آهي ته وهاڻو هٽايو، ڇو ته ننڊ دوران جڏهن اوهان پاسا متائيندا آهيو ته وار وهاڻي سان گهلجي ڪمزور ٿي ٽٽڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ وهاڻي جو ڪپڙو اوهان جي وارن جي گهم کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي جنهن سان اهي خشڪ ٿي ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.