عيد تي 4 اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عامر علي بلوچ چيو آهي ته عيد تي 4 اسپيشل ٽرينون هلايون وينديون، جيڪڏهن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيندي ته ريلوي جا ڀاڙا به گهٽايا ويندا.

پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان ريلوي پنهنجا خرچ پاڻ پورا ڪري رهي آهي جڏهن ته ريلوي حڪومت کان پينشن کانسواءِ ڪو به پئسا نه ٿو وٺي.

عامر علي بلوچ چيو ته ريلوي جا 50 سيڪڙو خرچ ڪوئلي جي ٽرانسپورٽ ذريعي پورا ٿي رهيا آهن، ريلوي نظام کي هلائڻ لاءِ 24 ڪلاڪن جي جدوجهد جي ضرورت آهي، خواجا سعد رفيق ريلوي کي بهتر ڪيو، ٻوڏ کانپوءِ تباهه ٿيل ٽريڪ کي به بحال ڪيو، منافعي بخش ٽرينون به بحال ڪيون.

هن چيو ته 55 ارب رپيا وفاقي حڪومت ادا ڪري ٿي، پوءِ اهي سڀ پينشن ڏانهن هليا وڃن ٿا، ريلوي جو خسارو پينشن جي صورت ۾ آهي، هڪ ڪوچ تي هڪ ڪروڙ رپيا خرچ اچي ٿو، حڪومت پينشن جو خرچ کڻي ته ريلوي تي بار گهٽ ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.