اسلام قبول ڪندڙ جرمني جي رهواسڻ جو پهريون رمضان شريف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٻه مهينا اڳ اسلام قبول ڪري مارٽينا اوبرهولزنر مان مريم بڻجندڙ جرمني جي 26 سالن جي عورت پنهنجو پهريون رمضان دبئي ۾ گذاري رهي آهي.

دبئي ۾ جرمن عورت مريم پنهنجي مادري ٻولي قرآن شريف پڙهي ٿي ۽ اسلامي حڪمن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هو حجاب ڪرڻ سان گڏوگڏ روزا به رکي رهي آهي.

هن پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ ٻڌايو آهي ته رمضان المبارڪ رڳو کائڻ پيئڻ کان پاسو ڪرڻ جو نالو ناهي پر صبر ۽ شڪر سيکاري ٿو.

مارڪيٽنگ جي اداري ۾ ڪم ڪندڙ مريم عيسائڻ هئي ۽ پوءِ هن جنوري 2024 ۾ اسلام قبول ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.