مائيڪل ڪلارڪ عماد وسيم کي ٽيم ۾ شامل نه ڪرڻ تي سوال اٿاري ڇڏيو

اڳوڻي آسٽريلوي آل رائونڊر مائيڪل ڪلارڪ آل رائونڊر عماد وسيم جي قومي ٽيم ۾ عدم شموليت تي سوال اٿاري ڇڏيو.
پي ايس ايل 9 جي ڪامينٽري پئنل ۾ شامل اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ فائنل ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ عماد وسيم جي تعريف ڪئي.
هن چيو ته فائنل ۾ منهنجو سڀ کان قيمتي رانديگر عماد وسيم آهي، جيڪڏهن هو ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ نٿو کيڏي ته اها سنگين غلطي آهي.
واضح رهي ته عماد وسيم گذريل سال نومبر ۾ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪرڻ سان گڏ اهو به چيو هو ته جيڪڏهن ٽيم کي منهنجي ضرورت هوندي ته مان موجود هوندس، جيڪڏهن نه ته مون کي ڪو مسئلو ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.