پي ٽي آءِ باني کي ڪڍڻ ۾ آمريڪا جو ڪو ڪردار ناهي: ڊونلڊ لو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا لاءِ اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڊونلڊ لو چيو آهي ته سائفر ذريعي آمريڪي سازش جو عمران خان جو الزام ڪوڙ آهي.
آمريڪي نمائندن جي ايوان جي ڪميٽي جي ٻڌڻي ۾ بيان ڏيندي ڊونلڊ لو چيو ته مبينا سائفر ليڪ جو معاملو درست ناهي، پاڪستاني سفير اسد مجيد به تصديق ڪري چڪو آهي ته سائفر جو الزام ڪوڙ آهي، پي ٽي آءِ باني کي ڪڍڻ ۾ آمريڪا جو ڪو ڪردار ناهي.
هن چيو ته پاڪستان آمريڪا جو اهم ڀائيوار آهي ۽ آمريڪا پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ دهشتگردن سياسي اڳواڻن ۽ اجتماعن کي نشانو بڻايو، جڏهن ته پاڪستان ۾ معاشي سڌارن جي ضرورت آهي.
ڊونلڊ لو چيو ته پاڪستان ۾ عام چونڊن ۾ مداخلت جي الزامن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن جي جوڙيل ڪميٽي ۾ هزارين پٽيشنز فائل ٿي چڪيون آهن، تنهن ڪري اسان چاهيون ٿا ته اليڪشن ڪميشن شفاف طريقي سان ڌانڌلي جي ذميوارن جو احتساب ڪري، ڇو ته اها ان جي ذميواري آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي لاڳاپن ۾ لاها چاڙها رهيا آهن، آمريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان معاشي بحران مان نڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.