”رشتو موڪلي ڇڏيو آهي، بس ٿورڙو انتظار آهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تازو سرجري ڪرائيندڙ پاڪستاني اداڪارا عائشا عمر هڪ پوسٽ ۾ رشتو موڪلڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

طبي سببن جي ڪري شوبز انڊسٽري کان پري رهندڙ عائشا عمر سرجري کانپوءِ ستين ڏهاڙي نئين وڊيو شيئر ڪئي آهي.

وڊيو ۾ کيس اسپتال ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

وڊيو ۾ عائشا عمر جي ڊاڪٽر کيس طريقيڪار سمجهايو.

اداڪارا پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته رشتو موڪلي ڇڏيو آهي، هاڻي قبول ڪرڻ جو انتظار آهي.

گڏوگڏ هن دعائن جي اپيل ڪئي.

وڊيو تي تبصرا ڪندي فنڪارن ۽ مداحن سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.