چوري جي انوکي واردات، جوابدارن ويندي ويندي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي

نوشهرا (ويب ڊيسڪ) نوشهرا جي علائقي نظام پور ۾ چوري جي انوکي واردات ٿي، جتي جوابدارن رات جي اونداهي ۾ واردات کانپوءِ گهر کي باهه ڏئي ڇڏي.
اهو واقعو مهتاب رحيم نالي شخص جي گهر ۾ گذريل رات پيش آيو، جوابدار گهر مان لکين رپيا روڪ ۽ 5 لک رپين جو لوهه به کڻي ويا.
چورن ويندي ويندي گهر ۾ موجود سامان کي به باهه ڏئي ڇڏي، جنهن سان سڄو سامان سڙي رک ٿي ويو.
پوليس واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.