گڏيل قومن جي رپورٽ موجب پاڪستاني، ڀارتين کان وڌيڪ خوش قوم قرار

گڏيل قومن خوش رهندڙ ملڪن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ پاڪستان ڀارت کي پوئتي ڇڏي ڏنو.
گڏيل قومن طرفان دنيا جي سڀ کان خوش ملڪن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ فن لينڊ مسلسل ستون ڀيرو پهرئين نمبر تي آهي، جڏهن ته ان ڊوڙ ۾ پاڪستان ڀارت کان اڳتي نڪري ويو آهي.
فهرست موجب پاڪستان دنيا جي خوش ملڪن جي فهرست ۾ 108هين نمبر تي آهي، جڏهن ته ڀارت جو 126هون نمبر آهي.
ان فهرست ۾ برطانيا هڪ درجو ڪِري 20هين، جڏهن ته آمريڪا پهريون ڀيرو ٽاپ 20 جي فهرست مان نڪري ويو آهي.
خوشي جي عالمي فهرست ۾ فنلينڊ کانپوءِ ڊنمارڪ ٻئي نمبر تي آهي، ان کانپوءِ ترتيب وار آئس لينڊ، سويڊن، اسرائيل، نيڌرلينڊز، ناروي، لڪسمبرگ، سوئٽزرلينڊ، نيوزيلينڊ، ڪوسٽاريڪا، ڪويت، آسٽريا، ڪينيڊا، بيلجيئم، آئرلينڊ، چيڪ ريپبلڪ، لٿوانيا ۽ برطانيا جا نالا اچن ٿا.
پرڏيهي ميڊيا موجب اها فهرست گڏيل قومن طرفان مقرر ڪيل خوشي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ 140 کان وڌيڪ ملڪن جي ماڻهن جي ڊيٽا شامل ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.