وزيراعظم جو ارشد نديم کي 25 لک رپيا انعام

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جيولن ٿرو ايٿليٽ ارشد نديم کي 25 لک رپين جو انعام ڏنو آهي، خاص ملاقات ۾ وزيراعظم قومي هيرو کي شاباش به ڏني.
ورلڊ چيمپيئن شپ ۾ جيولن ٿرو ۾ چاندي جو ٻلو کٽيندڙ قومي هيرو ارشد نديم کي وزيراعظم شهباز شريف 25 لک رپيا انعام ڏنو آهي.
اسلام آباد ۾ ان حوالي سان ٿيل هڪ خاص ملاقات ۾ وزيراعظم قومي هيرو کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته توهان گهٽ وسيلن باوجود ورلڊ چيمپيئن سپ ۾ چاندي جو ٻلو کٽيو، توهان تي فخر آهي، توهان جي محنت ۽ لڳاءُ نوجوانن لاءِ مشعل راهه آهي.
ان موقعي تي ارشد نديم چيو ته کيس ڏکڻ آفريقا تربيت لاءِ وڃڻو آهي، ان لاءِ جيڪڏهن ويزا جلد ملي وڃي ته آساني ٿيندي.
وزيراعظم ويزا جي جلد فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته راندين جي ترقي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.