رٽائرڊ ملازمن جي پينشن جي حوالي سان وڏي خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ نيشنل بئنڪ جي 11 هزار 500 رٽائرد ملازمن کي پينشن ادا ڪرڻ جو فيصلو برقرار رکندي نيشنل بئنڪ جي نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ ۾ نيشنل بئنڪ جي رٽائرڊ ملازمن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.
سپريم ڪورٽ نيشنل بئنڪ جي 11 هزار 500 رٽائرڊ ملازمن کي پينشن ادا ڪرڻ جو فيصلو برقرار رکندي نيشنل بئنڪ جي نظرثاني درخواست خارج ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ چيو ته نيشنل بئنڪ رٽائرڊ 11500 ملازمن کي پينشن جي مد ۾ 60 ارب رپيا هڪ مهيني ۾ ادا ڪري.
سپريم ڪورٽ 6 سالن کانپوءِ نظرثاني درخواست خارج ڪري ملازمن کي پينشن ڏيڻ جو فيصلو برقرار رکيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.