مهاڻن جي قسمت جاڳي پئي، ڪروڙين رپيا ماليت جون مڇيون هٿ

ٺٽو (ويب ڊيسڪ) هڪ هفتي کانپوءِ ئي وڌيڪ مهاڻن جي قسمت جاڳي پئي، ڪيٽي بندر جي مهاڻن کي ”سوا“ مڇي ڪروڙ پتي بڻائي ڇڏيو.
ڪيٽي بندر تي مهاڻن ڪروڙين رپيا ماليت جي سوا مڇي پڪڙي ورتي، مهاڻن ناياب مڇي جو ڪجر ڪريڪ واري هنڌ شڪار ڪيو.
پاڪستان فشر فوڪ فورم اڳواڻ ان حوالي سان چيو ته ناياب سوا مڇين جو انگ 300 کان وڌيڪ آهي، جن جي ماليت ڪروڙين رپيا آهي، هڪ هفتو اڳ به 300 سوا مڇيون مهاڻي حنيف پڪڙيون هيون.
واضح رهي ته ايڪسپورٽ پروسيسنگ ڪمپنيون ناياب ”سوا“ مڇيون خريدي ٻاهرئين ملڪ وڪرو ڪنديون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.