نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي هڪ عدالت چيو آهي ته اڻ ڄاڻ عورت کي ڊارلنگ چوڻ جنسي هراساني جي برابر آهي ۽ ڀارتي قانونن تحت ان جي سزا ڏني ويندي.
ڪلڪتا هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جي سين گپتا چيو ته لفظ ڊارلنگ جنسي نوعيت جو آهي ۽ ڀارتي سماج ڪنهن مرد کي اجازت نٿو ڏئي ته اهو اڻ ڄاڻ عورتن کي مخاطب ڪرڻ لاءِ اهڙي لفظ جو اظهار ڪن.
جسٽس سين گپتا جي بينچ هڪ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ مبينا طور تي نشائي شخص 9 سال اڳ هڪ عورت ڪانسٽيبل کي ڊارلنگ چيو هو.
عدالت اڻڄاڻ عورتن خلاف تڪراري لفظ استعمال ڪرڻ ڏوهه قرار ڏنو.