شاگردن کي 20 هزار اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جي منظوري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي صوبائي ڪابينا شاگردن کي 20 هزار اليڪٽرڪ بائيڪس ڏيڻ جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وزيراعليٰ مريم نواز جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ سال 24-2023 جي سالياني ۽ ضمني بجيٽ گرانٽ جي منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ پنجاب ايئر ايمبولينس پراجيڪٽ جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته لاهور لانج پارڪ کي پنجاب سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ اٿارٽي حوالي ڪرڻ ۽ پنجاب بئنڪ طرفان 20 هزار اليڪٽرڪ بائيڪس جي فراهمي جي منصوبي جي منظوري به ڏني وئي.
مريم نواز چيو ته شاگردن تي بار گهٽ ڪرڻ لاءِ اليڪٽرڪ بائيڪس جي ڊائون پيمنٽ 25 هزار ۽ ماهوار قسط 5 هزار رپين کان گهٽ هوندي، امتحانن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردن کي بائيڪس ڏيڻ لاءِ الڳ اسڪيم آڻينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.