اينڊرائيڊ واهپيدار خبردار: هي ميلويئر ڊيٽا چوري ڪري ٿو!

ميلان (ويب ڊيسڪ) سائبر ماهرن اينڊرائيڊ واهپيدارن کي فون ۾ ڳجهي ميلويئر بابت خبردار ڪيو آهي جيڪو سندن ڊيٽا چوري ڪري سگهي ٿو.

ماهرن فونز پڪس پائريٽ نالي بينڪنگ ٽروجن ميلويئر دريافت ڪيو آهي جنهن جي نشاندهي عام واهپيدار سولائي سان نٿا ڪري سگهن.

گذريل مهيني پهريون ڀيرو ان ميلويئر کي آمريڪي بينڪن کي هدف بڻائيندي ڏٺو ويو.

عام طور تي واهپيدارن جي انسٽال ڪيل هاڃيڪار ايپس ذريعي اهو ميلويئر فون تائين اچي وڃي ٿو، ماهرن ٻڌايو ته پڪس پائيريٽ جو نئون ورزن ٻن مختلف پليٽ فارمز کي استعمال ڪري ٿو جيڪي گڏجي ڪم ڪن ٿا ۽ ڊيوائس مان ڄاڻ چوري ڪن ٿا.

ماڻهن کي ٺڳيءَ سان واٽس ايپ تي پيغام موڪليو ويندو آهي جنهن کي ڪلڪ ڪرڻ سان اهو اڻ ڄاڻائي ۾ انسٽال ٿي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.