پي ايس ايل 9 جي ” ٽيم آف دي ٽورنامينٽ“ جو اعلان، شاداب ڪپتان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن جي 11 رڪني ” ٽيم آف دي ٽورنامينٽ “ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن جي قيادت شاداب خان کي سونپي وئي آهي.
پاڪستان سپر ليگ 9 جي ” ٽيم آف دي ٽورنامينٽ “ جي چونڊ ڪارڪردگي جي بنياد تي آزاد پئنل ڪئي آهي، ٽيم ۾ ملتان سلطانز جا پنج، اسلام آباد يونائيٽڊ جا ٽي، پشاور زلمي جا ٻه ۽ ڪراچي ڪنگز جو هڪ رانديگر شامل آهي.


يارنهن رڪني ٽيم آف دي ٽورنامينٽ ۾شاداب خان( ڪپتان )، بابر اعظم، صائم ايوب، عرفان خان، افتخار احمد، اساما مير، ڊيوڊ ولي، ڪرس جارڊن، عثمان خان( وڪيٽ ڪيپر ) ، نسيم شاهه ۽ عماد وسيم شامل آهن.
ان کانسواءِ ملتان جي ڪپتان محمد رضوان کي ٻارنهون رانديگرن قرار ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.