لنڊن (ويب ڊيسڪ) بينڪاڪ کان لنڊن ويندڙ اڏام دوران مسافر پاڻ کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي جهاز کي هنگامي لينڊنگ ڪرڻي پئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب جهاز جي باٿ روم ۾ آپگهات جي ڪوشش دوران زخمي ٿيندڙ مسافر کي جهاز ۾ موجود هڪ ڊاڪٽر طبي امداد فراهم ڪري بچائي ورتو.
جهاز جي هنگامي لينڊنگ کانپوءِ مسافر کي اسپتال نيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي پر ان جي سڃاڻپ ظاهر نه ڪئي وئي ۽ نه آپگهات جي ڪوشش جو ڪارڻ ٻڌايو ويو.
ايوا ايئر لائن انتظاميا واقعي جي تصديق ڪئي پر تفصيل فراهم نه ڪيا.
هوڏانهن هيٿرو ايئرپورٽ انتظاميا جو چوڻ آهي ته ايوي ايشن واقعي جي جاچ لاءِ هڪ انڪوائري ڪميٽي جوڙي آهي ۽ رپورٽ اچڻ کانپوءِ ميڊيا کي آگاهه ڪيو ويندو.
You might also like