چيمپيئنز ٽرافي جون ميچون پاڪستان جي ڪهڙن شهرن ۾ کيڏيو وينديون؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025ع جي ميزبان شهرن جا نالا فائنل ڪري ورتا، ٽورنامينٽ جون ميچون ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ کيڏيون وينديون.
ذريعن موجب، پي سي بي چيئرمين محسن نقوي دبئي ۾ ٿيل آءِ سي سي اجلاس ميمبرن ملڪن کي چيمپيئنز ٽرافي جي ميزبان شهرن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو.
واضح رهي ته پي سي بي چيئرمين ٽنهي اسٽيڊيمن جي فوري اپ گريڊيشن جو حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ايندڙ سال فيبروري ۽ مارچ ۾ پاڪستان ۾ شيڊيول آهي، جنهن ۾ اٺ ٽيمون حصو وٺي رهيو آهن.
پاڪستان 1996ع واري عالمي ڪپ کانپوءِ آءِ سي سي جي ڪنهن به وڏي ايونٽ جي ميزباني ناهي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.