فلسطيني پرچم کان ” زمبابر زمبابر “ جي نعرن تائين، پاڪستان سپر ليگ دوران ڇا ڇا ٿيو؟

پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي نائين ايڊيشن جو ميلو ته اسلام آباد يونائيٽڊ جي ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو پر ان دوران ڪجهه اهڙا واقعا به پيش آيا جنهن سبب ڪيئي تماشائي هي ايونٽ سدائين ياد رکندا.
ڪراچي ۾ ٿيل پي ايس ايل جي فائنل ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ جي عماد وسيم پنج رانديگرن کي آئوٽ ڪري ٽيم جي ڪاميابيءَ جا بنياد رکيا، پر يادگار بالنگ اسپيل کانپوءِ ڊريسنگ روم ۾ سگريٽ ڇڪيندي وڊيو سامهون اچڻ بعد کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو .
ڪنهن جو خيال هو ته سندس اهڙي حرڪت سان ڪرڪيٽ ڏسندڙ نوجوانن تي ناڪاري اثر پوندو جڏهن ته ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته کيس ائين ڪرڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي ها.
اهڙي ريت فتح کانپوءِ اسلام آباد يونائيٽڊ جي رانديگرن جو فلسطيني پرچم سان وڪٽري ليپ ڪرڻ کي به ميڊيا ۾ رپورٽ ڪيو پيو وڃي.
پاڪستان سپر ليگ دوران خبرون ۽ وڊيو ڪلپس اهڙيون به سامهون آيون جنهن ۾ فلسطيني پرچم کڻي ايندڙ تماشائين کي گرائونڊ مان نيڪالي ڏني وئي، پر فائنل ۾ وڪٽري کانپوءِ اسلام آباد يونائيٽڊ جي رانديگرن فلسطينين سان ايڪي جو اظهار ڪيو .
هڪ مهيني کان وڌيڪ جاري رهندڙ ميگا ايونٽ ۾ انهن واقعن کانسواءِ ڪهڙا اهم واقعا پيش آيا؟ اچو ته انهن تي روشني وجهون.
ڪراچي ۾ ٿيل ميچن ۾ تماشائين جو گهٽ انگ
پاڪستان سپر ليگ جي سيزن 9 کي شروعات کان ئي بائيڪاٽ مهم جو منهن ڏسڻو پيو ۽ سوشل ميڊيا تي ” بائيڪاٽ پي ايس ايل “ جو هيش ٽيگ ڪيئي ڏينهن تائين ٽرينڊ ڪندو رهيو.
ان هيش ٽيگ پٺيان اُهي واهپيدار هئا جن جو خيال هو ته پي ايس ايل جي انتظاميا کي هڪ انٽرنيشنل برينڊ ” ڪي ايف سي “ سان اسنيڪس پارٽنر طور معاهدو نه ڪرڻ گهرجي ها، غزا جنگ کي نظر ۾ رکندي بين القوامي فوڊ چين کي پي ايس ايل جو آفيشل اسنيڪ پارٽنر بڻائڻ تي بائيڪاٽ پي ايس ايل جو ٽرينڊ هلايو ويو .
بائيڪاٽ پي ايس ايل جو ٽرينڊ پنهنجي جاءِ تي پر پي ايس ايل جي نائين سيزن دوران ڪراچي ۾ رٿيل ميچن تي ڪجهه مبصر تنقيد ڪندي نظر آيا.
ڪراچي ۾ ايونٽ جي سڀ کان وڌيڪ ميچن جي ميزباني ڪئي، پر فائنل کانسواءِ ٻين ميچن ۾ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾ تماشائين جو انگ گهٽ نظر آيو.
سوشل ميڊيا تي ان معاملي تي ڏاڍو بحث ٿيو، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته نيشنل اسٽيڊيم ۾ ناقص انتظامن سبب تماشائين جو انگ گهٽ هو ڪجهه ماڻهن جو چوڻ هوته ايونٽ جون ميچون رمضان جي مهيني ۾ ڪرائڻ ۽ فائنل سومر تي کيڏڻ وارو فيصلو ئي غلط هو.
ان کانسواءِ هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم، مصباح الحق، اظهر علي ۽ محمد حفيظ جو چوڻ هوته مقامي انتظاميا طرفان لڳايل رنڊڪن سبب هو ئي سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ته عوام جو پهچڻ تي واقعي مشڪل آهي.
پرڏيهي رانديگرن جي کوٽ
ماضيءَ جي سيزن جي ڀيٽ ۾ پي ايس ايل 9 ۾ پرڏيهي رانديگرن جو انگ گهٽ نظر آيو، ڇو ته ان دوران بنگلاديش، ڏکڻ آفريڪا ۽ ابوظهبي ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ ليگز جا مقابلا به جاري هئا.
ايونٽ دوران ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر وين ڊر ڊوسن ۽ تبريز شمسي ۽ افغانستان جي نيوين الحق کي قومي ڊيوٽي سبب ليگ ڇڏي واپس وڃڻو پيو جڏهن ته سريلنڪا جي ونندو هسارنگا ۽ بنگلاديش جي شڪيب الحسن ايونٽ کان اڳ ئي ٽورنامينٽ تان هٿ کڻي چڪا هئا.
پر جيڪا ڳالهه سڀ کان وڌيڪ خبرن ۾ رهي سا اڳوڻي ويسٽ انڊين آل رائونڊر ڪيرن پولارڊ جي پي ايس ايل کي هڪ پرائيوٽ فنڪشن تي ترجيح هئي. ڪيرن پولارڊ ايونٽ ۾ ڪراچي ڪنگز جو حصو هو، پر هو ايونٽ دوران ڀارتي بزنس مين مڪيش امباڻي تي پٽ جي پري ويڊنگ تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ڀارت ويو هو.
اهڙي ريت ويسٽ انڊين فاسٽ بالر پهريان فٽنس مسئلن سبب پاڪستان سپر ليگ ۾ شرڪت کان معذرت ڪئي پر بعد ۾ هن انڊين پريميئر ليگ لاءِ پاڻ کي مڪمل فٽ قرار ڏئي پاڪستان ۾ پنهنجي مداحن کي مايوس ڪري ڇڏيو.
اسپنر عثمان طارق جي بالنگ ايڪشن تي اعتراض
پي ايس ايل نائين دوران نوجوانن تماشائين جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ ۾ ڪامياب رهيا جن ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو آف اسپنر عثمان طارق به شامل هو، سندس انوکي بالنگ ايڪشن کيس شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو.
ميگا ايونٽ دوران بيٽرن کي پريشان ڪندڙ عثمان طارق جي ايڪشن کي شڪي قرار ڏئي کيس وڌيڪ بالنگ ڪرڻ کان روڪيو ويو، بعد ۾ پلي آف مرحلي کان اڳ عثمان طارق جي ايڪشن کي ڪليئر قرار ڏنو ويو جنهن کانپوءِ هن ايليمنيٽر ۾ ٽيم جي نمائندگي ڪئي.
فيلڊنگ ۽ امپائرنگ جو معيار سواليا نشان بڻيل رهيو
پي ايس ايل 9 دوران هڪ پاسي فيلڊنگ جو معيار گهٽ رهيو ته ٻئي پاسي امپائرن جي ڪجهه فيصلن شوقينن کي مايوس ڪيو.
رانديگرن ۽ سندن گهر ڀاتين سان بدتميزي جا واقعا
پاڪستان سپر ليگ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم ۽ پلي آف مرحلي ۾ ٽنهي ميچن ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ جي مين آف دي ميچ عماد وسيم کي ايونٽ دوران تماشائين طرفان تنگ ڪيو ويو.
ايونٽ دوران ڪجهه موقعن تي بابر اعظم کي سندس ڪجهه نقادن ” زمبابر زمبابر“ جڏهن ته عماد وسيم کي بابر اعظم جي جا مداح بابر بابر چئي چيڙائيندا رهيا.
ان کانسواءِ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي نمائندگي ڪندڙ فاسٽ بالر محمد عامر ملتان جي هڪ ڊپٽي ڪمشنر طرفان سندس گهرڀاتين سان مبينا بدتميزي ۽ اڻوڻندڙ ورتاءُ جي شڪايت ڪئي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ محمد عامر الزام مڙهيو ته سندس گهرڀاتين سان بدسلوڪي ڪئي وئي ۽ کين بنا سبب ميچ دوران اسٽيڊيم مان ٻاهر ڪڍيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.