نواز شريف جو سعودي عرب ۽ لنڊن وڃڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڪي ۾ سعودي عرب ۽ پوءِ لنڊن وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ذريعن موجب اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڪي ۾ عمرو ادا ڪندو، حسن نواز، حسين نواز ۽ مريم نواز طرفان به ساڻس گڏ وڃڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف به عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ويندو.
ذريعن موجب نواز شريف طرفان عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ کانپوءِ لنڊن وڃڻ جو امڪان آهي، جتي هو پنهنجو چيڪ اپ ڪرائيندو، هو ڪجهه وقت لنڊن ۾ رهي ڏيهه موٽي ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.