بخار ۾ هيءَ دوا قطعي استعمال نه ڪيو: ڊريپ خبردار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊريپ بخار ۽ سنڌن جي سور جي دوا جو هڪ بيچ غير معياري قرار ڏيندي بارپون سسپينشن جو پراڊڪٽ ري ڪال الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
ڊريپ جي پڌرائيءَ موجب بارپون سسپينشن 100 ايم جي جيسم فارما رسالپور جو تيار ڪيل آهي، سينٽرل ڊرگ ليب ڪراچي مان بارپون سسپينشن جو بيچ 202 غير معياري قرار ڏنو ويو.
اداري جو چوڻ آهي ته بارپون سسپينشن جو سيمپل ڪوالٽي ٽيسٽ جي معيار تي پورو نه لٿو، غير معياري بارپون سسپينشن جو استعمال ري ايڪشن ڪري سگهي ٿو.
ڊريپ موجب غير معياري بارپون سسپينشن سان مريض جي طبعيت ويتر خراب ٿي سگهي ٿي، ڪمپني متاثر بيچ مارڪيٽ ۾ سپلاءِ نه ڪري.
الرٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪمپني متاثر بيچ مارڪيٽ مان واپس گهرائي، فارميسيز به متاثر بيچ جي سيل فوري طور بند ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.