رتو ديرو: ڦر مزاحمت تي نوجوان گوليون هڻي قتل

رتو ديرو (ويب ديسڪ) رتوديرو ڀرسان هٿياربندن ڦر مزاحمت تي نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
وارث ڏنو ماڇي ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ شير محمد عارباڻي جي رهواسي 18 ورھين جي نوجوان سواد علي پٽ غلام الله عارباڻي کان اڻڄاتل هٿياربند ڦورن ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڦورن نوجوان کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس مقتول جو لاش رتوديرو تعلقي اسپتال کڻائي آئي، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.