ڪراچي: بيروزگاري ۽ بيماري کان تنگ نوجوان نيٽي جيٽي پل تان ٽپو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ بيروزگاري ۽ بيماري کان تنگ نوجوان نيٽي جيٽي پل تان سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو.
ريسڪيو سروسز موجب بيروزگاري ۽ بيماري کان تنگ 27 ورهين جي شاهه زيب ڪراچي جي جناح اسپتال مان ڪرائي تي رڪشو ڪرايو ۽ نيٽي جيٽي پل تي پهچي سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو.
هو گذريل 10 ڏينهن کان جناح اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، گذريل ڪجهه مهينن دوران سول اسپتال ۾ ان جي آنڊن جون ٽي سرجريون به ٿيون هيون.
ريسڪيو اهلڪار موجب آپگهات ڪندڙ نوجوان جي ڀاءُ ٻڌايو ته شاهه زيب گذريل ٻن مهينن کان بيروزگار هو ۽ ان سبب گهڻو پريشان هو.
پاڻي ۾ ٽپو ڏيندڙ نوجوان جي ڳولا جو ڪم 5 ڪلاڪن کانپوءِ روڪيو ويو، ڇو ته سج لٿي کانپوءِ ڪم جاري رکڻ ممڪن ناهي ۽ شاهه زيب کي ڳولڻ جو عمل سڀاڻي ٻيهر شروع ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.