خوبصورت اداڪارا مڌوبالا جي زندگي تي فلم ٺاهڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ۾ پنهنجي دور جي مقبول ۽ خوبصورت اداڪارا مڌو بالا جي زندگي تي فلم ٺاهڻ جون اڳڪٿيون ته اڳ ئي ڪيون ويون هيون پر هاڻي فلم جي هدايتڪارا باقاعده اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

فلم جي هدايتڪارا جسميت ڪي رين پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي اعلان ڪيو.

جسميت 2022 ۾ فلم ڊارلنگ ڊائريڪٽ ڪئي هئي جنهن ۾ مک ڪردار عاليا ڀٽ ادا ڪيو هو.

فلم سوني پڪچرز انٽرٽينمينٽ پروڊيوس ڪندي، ڪمپني خبر شيئر ڪندي چيو ته اسان وڏي خوشي سان اعلان ڪريون ٿا ته اداڪارا کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سندس مختصر زندگي تي ٻڌل فلم پروڊيوس ڪنداسين.

هدايتڪارا جسميت لکيو ته حيرت جوڳن ماڻهن سان نئون دلچسپ سفر شروع ٿي رهيو آهي، پراجيڪٽ جي حوالي سان هدايتڪارا ڪجهه ناهي ٻڌايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.