اينڊرائيڊ واهپيدار خبردار! هي ايپ اوهان جي ڊيٽا چورائي سگهي ٿي

سائبر ماهرن اينڊرائيڊ واهپيدارن کي فون ۾ لڪيل هڪ ميلويئر بابت خبردار ڪيو آهي جيڪو سندن معلومات چورائي سگهي ٿو.
ماهرن فونز پِڪس پائريٽ نالي بئنڪنگ ٽروجن ميلويئر دريافت ڪيو آهي جنهن جي نشاندهي عام واهپيدار سولائي سان نٿو ڪري سگهي.
ڪيلفي ٽي آءِ آر جي ماهرن گذريل مهيني پهريون ڀيرو ان بابت خطري جي نشاندهي ڪئي هئي جتي هنن ميلويئر کي لاطيني آمريڪي بئنڪن کي هدف بڻائيندي ڏٺو هو.
عام طور تي سمارٽ فون واهيپيدار انسٽال ڪيل نقصانڪار ايپ جي نشاندگي هوم اسڪرين تي موجود ايپ جي نشان سان ڪري وٺندا آهن، پر پڪس پائريٽ ڪنهن قسم جو ايپ آئيڪون استعمال ناهي ڪندي، اهڙي طريقي سان هي لڪل ميلويئر اينڊرائيڊ فون ۾ بنا روڪ ڪم ڪندو آهي.
آءِ بي ايم جي سيڪيورٽي ڪمپني ٽرسٽيئر طرفان ڪيل هڪ ڌار تحقيق ۾ ماهرن ٻڌايو ته پڪس پائريٽ جو هي نئون ورجن ٻن مختلف پليٽ فارمز کي استعمال ڪندو آهي جيڪي گڏ ڪم ڪندي ڊيوائسز مان ڊيٽا چورائيندا آهن.
پهريون پليٽ فارم ڊائون لوڊر هوندو آهي جنهن کي واهپيدار واٽس ايپ يا ٽيڪسٽ تي جعلسازن طرفان موڪليل پيغام سبب حادثاتي طور تي انسٽال ڪري وٺندا آهن.
انسٽاليشن کانپوءِ اِهو ڊائون لوڊر واهپيدارن کان ڪجهه شين جي اجازت وٺندو جيڪا ملڻ کانپوءِ اِهو ڊائون لوڊر ٻي ايپ انسٽال ڪندو آهي جنهن ۾ بئنڪنگ ميلويئر هوندو آهي.
پڪس پائريٽ وٽ اهڙيون صلاحيتون موجود آهن جنهن جو مطلب آهي ته هيڪرز فون جي مالڪ جي علم يا اجازت کانسواءِ پئسن جي منتقلي جهڙو ڪم ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.