پاڪستان فٽبال ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ نٿو ڪري سگهي، هيڊ ڪوچ سبب ٻڌائي ڇڏيا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان فٽبال ٽيم جي هيڊ ڪوچ اسٽيفن ڪونسٽنٽائن چيو آهي ته جيستائين پاڪستان ۾ فٽبال ليگ نه ٿيندي نئون ٽيلينٽ سامهون نه ايندو ۽ تيستائين بهتري نه ايندي.
هلندڙ مهيني اردن سان ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ميچن جي تياري لاءِ پاڪستان فٽبال ٽيم جي تربيتي ڪئمپ ۾ رانديگرن ڀرپور پريڪٽس ڪئي.
لاهور ۾ ڪئمپ جي آخري ڏينهن به ڪوچ جي نگراني ۾ ٽيم جي رانديگرن تيز اُس ۾ پريڪٽس سيشن ۾ حصو ورتو .
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي فٽبال ٽيم جي هيڊ ڪوچ اسٽيفن ڪونسٽنٽائن چيو ته پاڪستان ۾ جيستائين لاڳيتو فٽبال ليگ نه ٿيندي تيستائين بهتري ممڪن ناهي ۽ تيستائين نئون ٽيلينٽ سامهون نٿو اچي سگهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ پنج هزار فٽبال ڪلب رجسٽرڊ آهن، ايترا ته برطانيا ۾ به ناهن.
سندس چوڻ هو ته اسان ورلڊ ڪپ ناهيون کيڏي رهيا نه ئي ايندڙ عالمي ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري سگهون ٿا، ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ميچن ۾ ڪارڪردگي تسلي بخش ناهي رهي.
هن وڌيڪ چيو ته فلحال ٽيم تيار ڪرڻي آهي ته جيئن ريجنل ٽورنامنٽون کٽي سگهون، رانديگر ڀرپور محنت ڪري رهيا آهن، چار کان پنج رانديگر هن وقت پرڏيهي ليگز کيڏي رهيا آهن ۽ جلد ٽيم کي جوائن ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.