سشانت سنگهه جي موت جي جاچ، ڀارتي وزيراعظم کي مداخلت جي اپيل

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سرڳواسي اداڪار سُشانت سنگهه راجپوت جي ڀيڻ ڀارتي وزيراعظم مودي کان سي بي آءِ جاچ ۾ مداخلت جي اپيل ڪري ڇڏي.
انسٽاگرام تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ شويتا سنگهه چيو ته سندس ڀاءَ جي موت کي 45 مهينا گذري چڪا آهن پر سي بي آءِ جي جاچ جو ڪو نتيجو نه نڪتو آهي.
سندس چوڻ هو ته سشانت سنگهه جي موت سان ڪيئي سوال جڙيل آهي جيڪي هوءَ ڄاڻڻ چاهي ٿي.
هن چيو ته اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته 14 جون جي رات ڇا ٿيو هو ته جيئن سندن دلين کي سڪون ملي سگهي.
ياد رهي ته اداڪار سشانت سنگهه راجپوت 14 جون 2020ع تي ممبئي ۾ پنهنجي فليٽ ۾ مئل حالت ۾ مليو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.