پاڪ-نيوزيلينڊ سيريز، پي سي بي مقامي ڪوچ لاءِ ڳولا شروع ڪري ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ مقامي ڪوچ جون خدمتون حاصل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.
ذريعن موجب، عارضي طور رڳو هڪ سيريز لاءِ ڪنهن پاڪستاني ڪوچ جون خدمتون حاصل ڪري سگهجن ٿيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شين واٽسن پاڪستان جي رڳو وائيٽ بال ڪوچنگ ۾ دلچسپي رکي ٿو جڏهن ته پي سي بي ٽنهي فارميٽس لاءِ هڪ ئي ڪوچ رکڻ چاهي ٿو.
ذريعن موجب، وقت جي کوٽ ۽ موجودا صورتحال ۾ پاڪ-نيوزيلينڊ سيريز ۾ مقامي ڪوچ لاءِ مختلف نالن تي غور ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.