محسن نقوي متحرڪ، ڪرڪيٽ بورڊ جا ڪيئي شعبا ختم

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جي چيئرمين محسن نقوي دبئي ۾ آءِ سي سي اجلاس تان واپسي ۽ سومر ڏهاڙي پاڪستان سپر ليگ جي فائنل کانپوءِ بورڊ ۾ ري اسٽرڪچرنگ واري عمل جي شروعات ڪندو.
پي سي بي چيئرمين پروفيشنل ماڻهن تي ٻڌل پنهنجي مضبوط پر ننڍي انتظامي ٽيم آڻڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ڪيترن ئي شعبن کي ختم ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي.
چيف فنانشل آفيسر جاويد مرتضيٰ سان ملاقات ۾ غير ضروري خرچ گهٽائڻ ۽ پگهارن واري معاملي تي ڳالهه ٻول ٿي، نجم سيٺي ۽ ذڪاءَ اشرف جي دور ۾ بورڊ ۾ آيل آفيسرن ۽ هيٺين درجي جي ملازمن لاءِ پنهنجا عهدا بچائڻ ڏکيو هوندو.
ذميوار ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف آپريٽنگ آفيسر سلمان نصير جي مشاورت سان پي سي بي چيئرمين ڪجهه ڏينهن اڳ فنانس، ايڇ آر ڊپارٽمينٽس کان تفصيلي بريفنگ ورتي جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ايندڙ سالن دوران ڪهڙي ڪهڙي عالمي سيريز کيڏڻي آهي ان بابت ڊائريڪٽر انٽرنيشنل عثمان وهلا کان بريفنگ ورتي.
ذريعن موجب، گذريل ٻن سالن کان وڏي پئماني تي مقرريون ڪيون ويون ۽ ماضي جي سربراهن جن من پسند ماڻهن کي مقرر ڪيو کين گهر ڀيڙو ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه شعبن ۾ اوور اسٽافنگ باوجود آئوٽ سورس خدمتون حاصل ڪيون ويون ان معاملي تي به غور ويچار ڪيو ويندو.
محسن نقوي پنهنجي انتظامي ٽيم آڻي پي سي بي کي بهتر انداز ۾ هلائڻ چاهي ٿو، ان سلسلي ۾ عيد کان اڳ سموري صورتحال واضح ٿي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.