بي آر ٽي ريڊ لائن پراجيڪٽ ۾ وڌيڪ دير برداشت نٿا ڪري سگهون: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته بي آر ٽي ريڊ لائن پراجيڪٽ ۾ وڌيڪ دير برداشت نٿا ڪري سگهون.
ڪراچي ۾ سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ بي آر ٽي ريڊ لائن جي حوالي سان ٽرانسپورٽ کاتي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو.
اجلاس دوران شرجيل ميمڻ چيو ته عوام جي مسئلن جي حل لاءِ پراجيڪٽ جو جلد مڪمل ٿيڻ لازمي آهي، اڳ کان وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي ته جيئن منصوبو وقت تي مڪمل ٿي وڃي ۽ عوام کي فائدو ملي.
هن چيو ته عوام بي صبري سان پراجيڪٽ پورو ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي، وڌيڪ دير برداشت نٿا ڪري سگهون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.