عاقب جاويد سريلنڪن ٽيم جو بالنگ ڪوچ مقرر

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا ڪرڪيٽ بالنگ ڪوچ لاءِ اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽ عاقب جاويد جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون .
سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، عاقب جاويد کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ بالنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي.
پڌرائي موجب، عاقب جاويد ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سريلنڪا جي ڪوچنگ ڪندو جنهن لاءِ اڳوڻو ڪرڪيٽر فوري طور ٽيم کي جوائن ڪندو.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته عاقب جاويد شروعاتي طور فاسٽ بالنگ ڪئمپ کي ڪنڊڪٽ ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.