اڊيالا جيل ٻاهران وڌيڪ ناڪا قائم، گاڏيون بيهارڻ تي پابندي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي خدشن کي ڏسندي اڊيالا جيل جي ڀرپاسي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي.
راولپنڊي جي سينٽرل جيل ٻاهران ڪنڊي دار تارون لڳايون ويون آهن، جڏهن ته واڌو نفري به مقرر آهي.
ذريعن موجب جيل سان سلهاڙيل روڊ تي ناڪا قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته جيل جي مک دَر تي ملاقاتن تي پابندي جا بئنر به هنيا ويا آهن.
جيل ٻاهران اڻ لاڳاپيل ماڻهن، گاڏين کي بيهڻ جي اجازت ناهي، جيل اختيارين موجب جيل ۾ رڳو لاڳاپيل ماڻهن کي وڃڻ جي اجازت آهي.
ميڊيا جي سيٽلائيٽ وين کي جيل کان ٻه ڪلو ميٽر پري بيهڻ جي اجازت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.