سعودي عرب جي پهرين عورت ايٿليٽ اولمپڪس لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

سعودي عرب جي سفير شهزادي ريما بنت بندر سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته سعودي تائيڪوانڊو قومي ٽيم جي رڪن دونيا ابو طالب باظابطا طور اولمپڪس لاءِ ڪوليفاءِ ڪندڙ پهرين سعودي عورت ايٿيليٽ بڻجي وئي آهي، هن اولمپڪ گيمز لاءِ ايشيائي ڪواليفائينگ رائونڊز ۾ ڪاميابي ماڻي ڪئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، سعودي عرب ويجهڙائي وارن سالن دوران ويجن 2030ع تحت نوجوانن لاءِ راندين ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪئي آهي جنهن ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين کي خاص اهميت ڏني پئي وڃي.


برطانوي اخبار ٽيلي گراف جي هڪ رپورٽ موجب، سعودي عرب ۾ ٽي لک ٽيهه هزار رجسٽرڊ عورت ايٿيليٽ آهن جڏهن ته 2021ع کان سعودي عرب ۾ عورت رانديگرن جي انگ ۾ 195 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.