واٽس ايپ تي اڻڄاتل ڪالز سبب پريشان آهيو؟ هي فيچر استعمال ڪيو

پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ جي واهپيدارن ۾ مقبول ٿيڻ جو خاص سبب ايپ جي حفاظتي خاصيتون آهن جنهن لاءِ ڪمپني انتظاميا آئي ڏينهن نت نون پرائيويسي فيچرن تي ڪم ڪندي نظر ايندي آهي.
تازي اپ ڊيٽ موجب، واٽس ايپ واهپيدار هاڻي اڻڄاتل نمبر تان ڪال ڪرڻ وارن کي ” Silence “ ڪري سگهن ٿا.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي واٽس ايپ جي آفيشل اڪائونٽ تان واهپيدارن کي تازي اپ ڊيٽ بابت آگاهه ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ واهپيدارن لاءِ اڻڄاتل ڪالز مان جند ڇڏائڻ جو طريقيڪار به ڄاڻايو ويو آهي.
هن فيچر مان فائدو لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ اوهان کي سيٽنگز ۾ وڃي پرائيويسي تي ڪلڪ ۽ اتي ڪالز واري آپشن ۾ وڃي Silence Unknown Callers کي اِن ايبل ڪندئو.
اسڪرين شاٽ
ميڊيا رپورٽن موجب، فيچر اِن ايبل ڪرڻ کانپوءِ جڏهن به ڪنهن اڻڄاتل نمبر تان اوهان جي واٽس ايپ اڪائونٽ تي ڪال ڪئي ويندي ته رنگ ٽون جو آواز ٻڌڻ ۾ نه ايندو.
واٽس ايپ جو هي نئون فيچر واهپيدارن لاءِ انتهائي لاڀائتو ثابت ٿيندو ڇاڪاڻ ته هن فيچر ذريعي واهپيدارن کي بار بار اڻڄاتل ماڻهن جي واٽس ايپ ڪالز جو جواب نه ڏيڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.