فاطمه ڀٽو پٽ کي جنم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي ڌيءَ فاطمه ڀٽو پٽ کي جنم ڏنو آهي.
سوشل ميڊيا تي فاطمه ڀٽو پٽ جي پيدائش جو اعلان ڪندي پوسٽ ڪئي ته گراهم ۽ مون کي پٽ جي پيدائش جو اعلان ڪندي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي.
هن پٽ جو نالو پنهنجي مرحوم پيءُ سان منسوب ڪندي ٻڌايو ته اسان پٽ جو نالو ”مير مرتضيٰ بيره“ رکيو آهي.
فاطمه ڀٽو پٽ جو نالو مرتضيٰ رکڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته اسان پنهنجي پٽ کي هڪ اهڙو نالو ڏيڻ چاهيو، جيڪو ان کي ان وقت همت ۽ شفقت ڏئي، جڏهن هو دنيا ۾ پنهنجو رستو ٺاهي رهيو هجي، مان پنهنجي پٽ جو نالو اهڙو رکڻ چاهيو، جيڪو ان لاءِ زندگي ۾ مشعل راهه بڻجي، اهڙو نالو، جيڪو ان لاءِ محنت ۽ طاقت جو ڍال بڻجي، اهڙو نالو، جنهن بابت هو ڄاڻندو هجي ته کيس منهنجي ماءُ طرفان اهو دل جي گهرائين سان ڏنو ويو آهي، اهڙو نالو، جيڪو ان کي سڄي زندگي تحفظ جو احساس ڏياري.
هن چيو ته مان پنهنجي پٽ کي اهڙو نالو ڏيڻ چاهيو، جيڪو ان کي هڪ دلڪش ۽ بي خوف ۽ بهادر بڻائي، ان کي پنهنجي وطن سان محبت ۽ خوشيون سڀ عطا ڪري، جڏهن به مان سوچيو ته اهو ڪهڙو نالو ٿي سگهي ٿو ته منهنجي ذهن ۾ سدائين پنهنجي پياري پيءَ جو نالو ئي آيو.
فاطمه پنهنجي پوسٽ ۾ پٽ لاءِ دعائن جي درخواست به ڪئي.
واضح رهي ته فاطمه ڀٽو گذريل سال اپريل ۾ گراهم جبران سان شادي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.