بابر کي اسڪرپٽڊ ڪپتان چوڻ صحيح ناهي : ڊيرن سيمي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز پشاور زلمي جي هيڊ ڪوچ ڊيرن سيمي چيو ته آهي ته اسان ملتان خلاف 20 رنسون گهٽ ٺاهيون، 147 هن وقت وڪيٽ تي گهٽ اسڪور هو، بالرن گهٽ اسڪور باوجود سٺو مقابلو ڪيو.
واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي نائين سيزن جي پهرين ڪواليفائر ۾ ملتان سلطانز پشاور زلمي کي ست وڪيٽن تان هارائي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊيرن سيمي چيو ته ملتان خلاف گهٽ ۾ گهٽ 165 اسڪور هئڻ گهرجي ها، بيٽنگ ۾ پاور پلي سٺو نه کيڏي سگهياسين، مهراڻ ممتاز پاور پلي ۾ ڪوالٽي بالنگ ڪئي اڄوڪي ميچ وساري ايندڙ ميچ جي تياري ڪنداسين.
ڊيرن سيمي چيوته هن ميچ ۾ عارف يعقوب کي کيڏائڻ تي غور ڪيو هو، بابر اعظم ڪوالٽي پليئر آهي سندس قائداڻيون صلاحيتون وڌيڪ نکري چڪيون آهن.
هن چيو ته ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي تجربي ذريعي بابر لاءِ آسانيون پيدا ڪيان، جيڪڏهن ڪپتان ۽ ڪوچ ميچ دوران مشورو ڪندا ته ڪو مسئلو ناهي، بابر کي اسڪرپٽڊ ڪپتان چوڻ صحيح ناهي.
سندس چوڻ هو ته ٽي ٽوئنٽي ۾ آخري اوورن ۾ هر ٽيم تيزيءَ سان رنسون ٺاهڻ چاهيندي آهي، ملتان سلطانز ڊيٿ اوورن ۾ سٺي بالنگ ڪئي، 7 کان 15 اوور جي وچ ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهڻ گهرجن ها.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سپر ليگ ۾ هر سال نئون ٽيلينٽ سامهون ايندو آهي، ٽيم جي رانديگرن کي چوندو آهيان هتي سٺو کيڏو، قومي ٽيم جا دروازا کلندا.
واضح رهي ته پشاور زلمي ڪواليفائر ميچ ۾ شڪست باوجود فائنل جي ڊوڙ مان ٻاهر ناهي ٿي هو اليمينيٽر ون جي فاتح ٽيم سان معاڏو اٽڪائيندي.
اليمينيٽر ون ۾ اڄ اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ۾ ٿيندو، ميچ ۾ شڪست کائيندڙ ٽيم جو ٽورنامينٽ ۾ سفر تمام ٿي ويندو.
پشاور زلمي ۽ اليمينيٽر ون مان جيڪا ٽيم فاتح بڻجي اِها ملتان سلطانز خلاف فائنل کيڏندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.