اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال صوبن کي آبادي جي شرح گهٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
ڳڻپ کاتي جي آفيس جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ڳڻپ کاتي طرفان مردم شماري کي ممڪن بڻائڻ ساراهه جوڳو آهي، ڊيٽا ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ اسٽريٽجڪ اثاثو آهي، مردم شماري سان حاصل ڊيٽا مان فائدو کڻڻ لاءِ ڪم ڪرڻو آهي.
هن چيو يقين آهي ته ڊيٽا جي بنياد تي ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻينداسين، آبادي ۾ واڌ جو رجحان هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي رهيو آهي، آبادي ۾ واڌ جي شرح 2.55 سيڪڙو ٿي وئي آهي.
احسن اقبال مشورو ڏيندي چيو ته صوبا آبادي جي شرح گهٽائڻ لاءِ قدم کڻن، آبادي ۾ واڌ جي شرح کي گهٽ ڪري پيداوار کي وڌائڻو آهي، اسان وٽ اڌ ٻار خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، ٻارن جي ذهني صلاحيت متاثر ٿي رهي آهي.
You might also like