سبي (ويب ڊيسڪ) سبي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊي ايس پي شهيد ٿي ويو.
سبي ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي هٿياربندن ڊي ايس پي خالد زمان جي گاڏي تي انڌا ڌند فائرنگ ڪري ڏني.
پوليس موجب ڊي ايس پي مير خالد زمان مري کي 6 گوليون لڳيون ۽ هن زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس ٻڌايو ته گارڊ جي فائرنگ ۾ هڪ حملي آور به زخمي ٿيو، جنهن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس کيس پڪڙي ورتو.
You might also like