ڏکڻ آفريقا پاران اسرائيلي فوج ۾ شامل پنهنجن شهرين کي گرفتار ڪرڻ جو اعلان

ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقا فلسطينين جي قتل عام ڪندڙ اسرائيلي فوج ۾ شامل پنهنجن شهرين کي گرفتار ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل پاران هٿين خالي فلسطينين جي نسل ڪشي جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته فلسطينين جي قتل عام کي رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ به ناهي روڪيو ويو.
ان حوالي سان ڏکڻ آفريقا جي عام لاڳاپن واري وزير پاران چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج ۾ شامل ڏکڻ آفريقي شهرين کي گرفتار ڪيو ويندو.
وزير چيو ته اسرائيلي فوج ۾ شامل پنهنجن شهرين کي وطن واپسيءَ تي گرفتار ڪيو ويندو.
واضح رهي ته ڏکڻ آفريقا اڳ به پنهنجن شهرين جي اسرائيل جنگ جو حصو بڻجڻ تي سندن شهريت رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.