آمريڪي ايوان ۾ پاڪستاني چونڊن تي ٻڌڻي مقرر

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي نمائيندن جي ايوان ۾ پاڪستان اليڪشن ۽ جمهوريت تي ٻڌڻي 20 مارچ تي مقرر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سائفر جي الزامي سياسي جي اهم آمريڪي عهديدار ڊونلڊ لو پرڏيهي وزارت جو موقف بيان ڪندو.
آمريڪي ايوان جي وچ اوڀر، سينٽرل ايشيا ۽ اتر آفريقي معاملن بابت سب ڪميٽي پاڪستان جي صورتحال بابت ايندڙ هفتي اربع جي ڏينهن 20 مارچ تي اهم ٻڌڻي ڪندي.
جاري ڪيل نوٽيس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪي پرڏيهي کاتي جي اسسٽنٽ سيڪريٽري ڊونلڊ لو کي به طلب ڪيو ويو آهي، ڊونلڊلو پاڪستان سوڌو ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا معاملن بابت بيورو جو انچارج آهي ۽ پي ٽي آءِ باني کيس پنهنجي الزامي سياست جو مرڪزي آمريڪي ڪردار قرار ڏئي شهرت ڏني آهي.
20 مارچ تي آمريڪي ڪانگريس جي فارم افيئرز جي سب ڪميٽي پاڪستان جي موجودهه صورتحال بابت جيڪا ٻڌڻي ڪندي ان جو عنوان ”چونڊن کان پوءِ جو پاڪستان“ هوندو، جنهن ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت جي مستقبل ۽ پاڪ آمريڪا لاڳاپن بابت بيان، سوال ۽ جواب ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.