ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، اڳوڻي آسٽريلوي آل رائونڊر شين واٽسن کي هيڊ ڪوچ بڻائڻ لاءِ ڳرو معاوضو ادا ڪندو.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ، اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر شين واٽسن کي هيڊ ڪوچ بڻائڻ لاءِ سندس سمورا مطالبا مڃڻ لاءِ تيار آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هيڊ ڪوچ جي ذميوارين لاءِ پي سي بي شين واٽسن سان رابطو ڪيو آهي ۽ بورڊ طرفان کيس ويهه لک ڊالرز سالياني پگهار جي آڇ ڪئي وئي آهي.
جيڪڏهن معاهدي تي عمل ٿيو ته شين واٽسن امڪاني طور پاڪستان ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ معاوضو وٺندڙ هيڊ ڪوچ هوندو جنهن جي ماهوار پگهار چار ڪروڙ سٺ لک پاڪستاني رپيا هوندي.
Next Post
You might also like