ريئل اسٽيٽ سيڪٽر کي ٽيڪس سسٽم ۾ آڻڻ جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ريئل اسٽيٽ سيڪٽر، مينوفيڪچرر شعبي ۽ رٽيلرز تي ٽيڪس قدمن جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد فرٽيلائزر پلانٽس کي سستي گيس فراهم ڪرڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي ۽ فرٽيلائزر پلانٽس کي سستي گيس جي فراهمي جلد ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته وفد عالمي مارڪيٽ ۾ ڪميوڊيٽي پرائيس مستحڪم ۽ پاڪستان ۾ نرخ وڌڻ تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد توانائي، ايف بي آر ۽ بي آءِ ايس پي اختيارين سان ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ توانائي واري وزارت جي اختياري گردشي قرض، ٽيرف، آئوٽ لُڪ ۽ ڪاسٽ سائيڊ رفارمز تي بريفنگ ڏني جڏهن ته ايف بي آر اختيارين ٽيڪس ايڊمنسٽريشن ۽ ٽيڪس پاليسي، بي آءِ ايس پي ۾ رجسٽرڊ ماڻهن، آئوٽ لُڪ ۽ ڊويلپمينٽ، ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ ٽيڪسيشن ۽ رٽيلرز لاءِ ٽيڪس ميڪنزم تي بريفنگ ڏني.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وفد ريئل اسٽيٽ سيڪٽر، مينوفيڪچرز شعبي ۽ رٽيلرز تي ٽيڪس قدمن جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته ريئل اسٽيٽ سيڪٽر کي به دستاويزي بڻائي ٽيڪس سسٽم ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ آءِ ايم ايف وفد جي اسٽيٽ بئنڪ اختيارين سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.