قرض قسط بابت ڳالهيون، آءِ ايم ايف جا نوان مطالبا، اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ ايم ايف نئين پروگرام لاءِ پاڪستان کان وڌيڪ مطالبا ڪري ڇڏيا.
پاڪستان آيل آءِ ايم ايف وفد ۽ پاڪستان جي معاشي ٽيم وچ ۾ ڳالهين جي پهرئين ڏينهن جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف وفد سان ڳالهين ۾ ناڻي واري وزير، توانائي ۽ ايف بي آر اختيارين شرڪت ڪئي، آءِ ايم ايف وفد کي توانائي واري وزير مصدق ملڪ بريفنگ ڏني.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف نئين پروگرام لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
حڪومت طرفان آءِ ايم ايف کي بجلي ۽ گئس جي گردشي قرض منجمد رکڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف بجلي ۽ گئس چوري ختم ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف حڪومتي ڊسڪوز جي انتظاميا نجي شعبي کي ڏيڻ جو ٽائم فريم گهري ورتو آهي، آءِ ايم ايف وڌيڪ نقصانن وارن علائقن ۾ بجلي بل وصولي آئوٽ سورس ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي، آءِ ايم ايف ڪيپٽو پاور پلانٽس کي مقامي گئس جي فراهمي بند ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف حڪومتي شعبي ۾ چئن وڏن پلانٽس کي مڪمل انگن تي هلائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ان کانسواءِ آءِ ايم ايف، ايف بي آر ۾ ڊجيٽلائيزيشن تيزيءَ سان مڪمل ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو آهي.
ايف بي آر ذريعن موجب، ڳالهين دوران ٽئڪس اوڳاڙي وڌائڻ لاءِ عملي بدران ٽيڪنالوجي جو استعمال وڌائڻ تي اتفاق ٿيو.
اختيارين طرفان آءِ ايم ايف کي هلندڙ مالي سال جو ٽئڪس هدف حاصل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.
ايف بي آر هلندڙ مالي سال ٽئڪس هدف حاصل ڪرڻ لاءِ رئيل اسٽيٽ ۽ ريٽيلرز کان ٽئڪس اوڳاڙي جي خاطري ڪرائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.