پاڪستان ۾ انساني ترقي جي درجه بندي ۾ بهتري آئي آهي: گڏيل قومون

جنيوا (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي انساني ترقي جي لسٽ ۾ پاڪستان 0.544 پوائنٽس سان 161 هين نمبر تي آهي جيڪو 2023ع جي ڀيٽ ۾ بهتر آهي. ان لسٽ ۾ 191 ملڪ شامل آهن.
عالمي خابرو اداري موجب گذريل سال ان لسٽ ۾ 0.540 پوائنٽس سان پاڪستان 164 هين نمبر تي هو پر هلندڙ سال پاڪستان پنهنجو 2013ع کان 2021ع جي دوارن وارو نمبر واپس وٺڻ ۾ ڪامياب رهيو.
واضح رهي ته ان لسٽ جي تياري لاءِ صحت، تعليم ۽ آمدني جي انڊيڪس کي استعمال ڪيو ويندو آهي. ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ سريلنڪا سڀ کان مٿي آهي جنهن جو لسٽ 73 هون نمبر آهي.
ڏکڻ ايشيائي ملڪن ۾ سريلنڪا کان پوءِ بنگلاديش 129 ۽ ڀارت 132 هين نمبر تي آهي.
افغانستان ان لسٽ ۾ 180 هين نمبر تي آهي جڏهن ته نيپال جو 143 هون نمبر آهي. آخري نمبر يعني 191 تي ڏکڻ سوڊان آهي.
اهڙيءَ طرح لسٽ ۾ پهرين نمبر تي سوئٽزرلينڊ جڏهن ته ناروي ٻئين نمبر تي آهي. ان کان پوءِ آئيس لينڊ ۽ هانگ ڪانگ جو وارو اچي ٿو.
يو اين هيومن ڊويلپمينٽ انڊيڪس جو چوڻ آهي ته دنيا وفائي مرضن کان پوءِ سستيءَ سان صحتمندي ڏانهن وڌي رهي آهي پر امير ۽ غريب رياستن وچ ۾ فرق وڌي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.